﻿بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو.
۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي.
"شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي."
منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن.
اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي.
