﻿"جڏھن الله جي مدد ۽ سوڀ اچي،"
"۽ ماڻھن کي الله جي دين ۾ ٽوليون ٽوليون ٿي گھڙندو ڏسين،"
تڏھن (تون) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ کانئس بخشش گھر. بيشڪ اُھو ٻاجھ سان موٽندو آھي.
